برسلز-16 اپريل (اي پي پي ) نيٽو پاران ايران ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي . العربيه موجب نيٽو جي ترجمان فرح دخل الله سوشل ميڊيا ايڪس تي پن??نجي بيان ۾ ٻنهي ڌ??ين سان تحمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي . هن چيو ته نيٽو ان صورتحال ج?? جائزو وٺي رهيو آهي وچ اوڀر پاسي ڇڪتاڻ کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي ياد رهي ته پهرين اپريل تي دمشق ۾ ايراني سفارت خاني تي حوائي حم??ي پاسداران انقلاب جي ٻن جرنلن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا هيا جنهن جو الزام ايران تي لڳائيندي انتقامي ڪاروائي جي ڌمڪي ڏني هئي ٻه ڏينهن اڳ ايران اسرائيل تي ڊرونز ، بيلسٽڪ ۽ اسڪڊ ميزائلن سان حملو ڪندي فوجي هدف کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . جنهن کي اسرائيلي دفاعي نظام ناڪام بڻائي ڇڏيو هيو .