اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪست??ن اسرندڙ ملڪن جي تنظيم جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي ڪيوبا جي حوالي ڪري ڇڏي. 134 رڪني گروپ جي چيئرمين شپ جي منتقلي جي ٽرسٽي شپ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي پاڪست??ن جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڊيو خطاب ڪيو. هن چيو ته هو گروپ جي چيئرمين شپ ڪيوبا جي هم منصب ۽ پنهنجي دوست برونوروڊ ريگوئيز پارلا کي منتقل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي قيادت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي گڏيل عزم ۽ اتحاد تي ٻڌل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پرڏيهي وزير جي خطاب کانپوءِ گڏيل ق??من ۾ پاڪست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم گروپ جو ”گريول“ ڪيوبا جي پرڏيهي وزير جي حوالي ڪيو. گروپ جي نئين چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ 2022ع دوران گروپ جي شاندار قيادت تي پاڪست??ن جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪست??ن ان گروپ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ هن گروپ جي چيئرمين شپ 14 جنوري 2022ع تي سنڀالي هئي. پاڪست??ن جي چيئرمين شپ جي مدي دوران گروپ ترقي کي گڏيل ق??من جي ايجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏياري ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا، ماحولياتي تبديلين جي وڌندڙ منفي اثرن، اقتصادي عدم توازن، قرضن جي بحران، مهانگائي، غذائي عدم تحفظ ۽ تڪرارن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪست??ن ان ک??ن اڳ 3 ڀيرا گروپ جي قيادت ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪست??ن جي قيادت ۾ گروپ مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم معاهدن ۽ منظم ردعمل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ فورم ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جو معاهدو، اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي طريقن تي بحث، گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وڏي اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي معاملن تي اتفاق راءِ، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ۽ گذريل مهيني گروپ جي وزارتي ڪانفرنس ۾ غذائي، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ ڍانچاجاتي قدمن تي هڪ موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ خاص ??ور تي قابل ذڪر آهن جن سان پائيدار ترقياتي هدف 2030ع ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پيرس معاهدي تي اڳڀرائي ۾ مدد ملي آهي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن س??ن اسان ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل فيصلا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گروپ جي ميمبرن کي گڏيل اتحاد، تعامل ۽ گڏيل ڪوششن کي جاري رکڻو پوندو ته جيئن پائيدار ترقياتي هدفن تي هلندڙ سال ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۽ ڪوپ 28 ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ گروپ جي مالي مشڪلاتن جو شڪار 60 ميمبر ملڪن جي قرضن ۾ ريليف ۽ ري اسٽرڪچرنگ، هڪ سئو کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن کي گهربل مالياتي رعايتن ۽ ليڪويڊٽي جي فراهمي جي لاءِ غيراستعمال ٿيل ايس ڊي آرز جي ري چينلنگ، بک جو شڪار 25 ڪروڙ ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي، ماحولياتي تبديلين جي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۽ قدرتي آفتن سان تباهي کانپوءِ انهن جي نئين سر تعمير ۾ معاونت خاص ??ور تي قابل ذڪر آهن.