اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي ايجنڊا کي پوري قوت سان اڳتي وڌائينداسين، سياسي طوفان برپا ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جي ارمانن تي ڪڪر ڇ??ئنجي ويا آهن، جمهوري اختلاف کي سازش جو رنگ ڏيندڙ سياسي مخالفن کي اطلا?? هجي ته حڪومت پنهنجي اتحادين جي حمايت سان گڏ نه رڳو مستحڪم آهي پر جمهوري اختلاف کي جمهوري انداز ۾ سلجهايو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته ??سئ??ن ۽ محرومين جو شڪار سنڌ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان خوشخبري بڻجي ڪراچي ويو.