اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اڄ اربع ڏينهن ٽپهري ٽي وڳي ٿيندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ اسڪائپ گروپ جوڙيو ويو آهي، ترجما?? قومي اسيمبلي موجب پارلياماني اڳواڻ اسلام آباد ۾ پنهنجي عدم موجودگي جي صورت ۾ اسڪائپ گروپ جي ذريعي اجلاس ۾ پنهن??ي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهن ٿا.