اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ ج??رل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ ??مورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خ??الن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه جناح چيسٽ اينڊ ج??رل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپو??ِ ??حافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ ج??رل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي اسان سڀني کي فخر آهي.