اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي فلاحي اسلامي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جنهن معاشري ۾ انصاف ۽ انسانيت هجي اتي برڪت ۽ خوشحالي هوندي آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪرڻ سان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪسمير ۾ رهندڙ ڪشميرين کي خبر پوندي ته اسان ڪيئن ڪشميرين کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته ٻئي طرف والاريل ڪشمير ۾ فاشسٽ ۽ غاصب حڪومت قابض آهي. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي مو??عي تي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن مو?? پنهنجي گهر ۾ ڪينسر جو مرض ڏٺو ته مو?? کي خبر پئي ته ان جو ??لاج ڪيترو مهانگو آهي، ان جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا اسپتال موجود نه هئي، جيڪڏهن اسپتال موجود به هجي ها ته اهو علاج ايترو مهانگو هو جو ڪو غريب ماڻهو علاج نه ڪرائي سگهي ها، ان کانپوءِ مو?? 10 سال جدجهد ڪئي ۽ ڪينسر جي اهڙي اسپتال ٺاهي جتي غريب مريض آيا ته انهن کي اهو خوف نه هو ته پئسا نه هجڻ جي ڪري يا علاج مهانگو هجڻ جي ڪري ان جو ??لاج نه ٿيندو، ان ڪينسر اسپتال جي تعمير سان سڀ کان وڏي خوشي اها هئي ته هتي اهڙن ماڻهن علاج مفت ٿيندو هو ۽ انهن کي اها ئي سهولت ملندي هئي جيڪا پئسا ڏئي علاج ڪرائيندڙن کي ملندي آهي ان ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪيو وڃي.