اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مد??سن جي شاگردن کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آهي، مخالف ڌر ڪنهن اداري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد طرف نه پر اسلام جي طرف ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چي?? ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چي?? ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ مد??سن کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهون ٿا، هن چي?? ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 مدرسا آهن جنهن مان صرف 92 رجسٽرڊ آهن، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آهن، هن چي?? ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون اليڪشن ڪميشن احتجاج لاءِ اچي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان جو ڪو جواز نه آهي، جنهن اسيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهن ان اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو به وٺي رهيا آهن، چونڊ سڌارن طرف نٿا اچن، گهرو وزير چي?? ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مخالف ڌر امن امان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو،