مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خو??اراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊي?? سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ??يجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، مظفر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.