اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، صنعتڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ??رب ??رب جُون ٽي??س وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽي??س گوشوارن سان گڏ ٽي??س ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ 37 سيڪڙو، نيٽ روينيو ۾ 36 سيڪڙو، گراس روينيو ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽي??س گوشوارا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ??رب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.