اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين پاڪستان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظه??ر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته هر سال وانگر هن سال ??ه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چ??و ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني مسئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين ان اميد جو اظه??ر ڪ??و ته هلندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو وي??دو. هن چ??و ته نمائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.