اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اقليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين المذاهب ه?? اهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوند??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن چيلا رام ڪيولاڻي جي قيادت ۾ قومي اقليتي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، جي پال ڇابڙيه، مفتي گلزار نعيمي، ويشنو راجا، ڊاڪٽر ساره صفدر ۽ قومي اقليتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. حڪومت اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي ??هي. هن چيو ته حڪومت اقليتن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئ??. ا??ليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت ??هي. اقليتي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوانن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي ??هي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري جي شاگردن کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي ??هي. ڪامياب جوان پروگرام تحت اقليتي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقليتي ڪميشن بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقليتن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.