اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوا?? جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراع??م عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراع??م عمران خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻ?? دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراع??م عمران خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪا?? جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراع??م عمران خان چيو ته افغان عوا?? جي انساني ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.