اسلام آباد – 21 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سماجي ۽ اق??صادي ترقي جي لاءِ ن??جو??ن ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي ذريعي معاونت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ن??جو??ن ڪاروباري ماڻهن جي پاڪستان جي خوشهالي ۾ ڪردار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحيح پاليسيون جوڙيون ويون آهن، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ن??جو??نن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر پاڪستان (اين آئي سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام جي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سي اي او اگنيسٽ عاصم شهريار، چيف ڊيجيٽل آفيسر جاز عامر اعجاز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آئي سي اسلام آباد پرويز عباسي، اين آئي ٽي بي جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ت?? پاڪستان کي ن??جو??نن جي وڏي انگ مان فائدو کڻڻ جي ضِرورت آهي ته جيئن انهن کي جديد آءِ ٽي تي ٻڌل مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري دوستاڻو ماحول بڻائي سگهجي. هن ن??جو??نن کي آءِ ٽي جي شعبي خاص طور تي سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس ۾ تربيت ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمارٽ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آئي سي) جي مختلف منصوبن ۽ ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته اين آئي سي باصلاحيت واپارين کي انهن جي جديد آئيڊياز کي پائيدار ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ۽ گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران اين آئي سي اسلام آباد 230 اسٽارٽ ا??س لڳايا آهن جن سان اٽڪل 22 ارب رپين جي آمدني ٿي آهي، ان کانسواءِ 11 هزار کان وڌيڪ نوڪريون پن پيدا ٿيون آهن. صدر ملڪ ۾ انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي اين آئي سي اسٽارٽ ا??س ۾ موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اين آئي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.