اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو ر??شن ڪيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي ??گه??دو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان ??ي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برد??شت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.