اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي، غر??ب ملڪن مان امير ??لڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي کي روڪڻو پوندو، مني لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غر??ب ملڪن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي سان آگھاهي پيدا ڪري اسرندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذاڪري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته اڄ جي م??اڪري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ۽ امير ??لڪن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غر??ب قومن جي م??اشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي م??ئلن جي مڪمل خاتمي تائين قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي سان عالمي سطح تي هڪ مهم به هلائي ته جيئن امير ??لڪ اسرندڙ ملڪن جي م??ڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي جي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته امير ??لڪ ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلين جي م??ئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته انهن ملڪن جي خصوصي م??د ڪري جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظم عمران خان يو اين سي ٽي اي ڊي جي م??اڪري ۾ شامل عالمي اڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غر??ب ملڪن مان امير ??لڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي آهي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غر??ب ملڪن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير ??لڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر منتقل ڪيا پيا وڃن جيڪي اسرندڙ ملڪن جي بدعنوان اشرافيه ڪري ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غر??ب ملڪن مان امير ??لڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي جو بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن دوران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان امير ??لڪن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن جي غر??ب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ مان پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ڪري غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير ??لڪ پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ڪري وٺندا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غر??ب ملڪن ۾ خال وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري اسرندڙ ۽ غر??ب ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.