اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا افغان??تا?? جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، معيشت ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو اتفاق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغان??تا?? ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ??تا?? آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي،آمريڪي پرڏيهي نائب وزير بلوچ??تا?? ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغان??تا?? ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغان??تا?? مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪ??تا?? جي مدد ۽ خطي ۾ ا??ن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغان??تا?? ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. پاڪ??تا?? معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ ا??ن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي نائب وزير پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي سنگين صورتحال تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير آمريڪا پاران پاڪ??تا?? کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب وزير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.