اس??ام آباد – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? ميڊيا جي ذميداراڻي ڪردار سان ئي خوشحالي، ترقي يافته ۽ مستحڪم پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو، پاڪستان جي حقيقي تشخص کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي، انفارميشن سروسز اڪيڊمي پروفيشنلز ۽ نون شامل ٿيندڙن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ انهن جي پيشيوراڻي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ خيبرپختونخوا انفارميشن ڊپ??رٽمينٽ جو پهريون پيشيوراڻو مينيجمينٽ ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن ۾ سندون ورهائڻ ۽ 36 هين اسپيشلائيز ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن جي آجيان واري ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو.