پشاور – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوشهره ضلعي ۾ اضا خيل ڊرائي پورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان م??قعي تي ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا، ان م??قعي تي بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اضا خيل ڊرائي پورٽ پنهنجي نوعيت جو جديد ڊرائي پورٽ آهي جنهن کي 50 ڪروڙ 70 لک روپين جي وڏي رقم سان هڪ سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.