اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي ??هولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي ??بسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي ??عاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??ها??گائي جي ??لاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ??والي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.