اسلام آباد ?? 15 ??ون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪرا??ي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين ??ل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪي پيدائش کان اڳ ئي يتيم ٿي چڪا آهن.