اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم غر??ب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي مع??ار?? سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص ??عاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص ??عاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص ??عاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص ??عاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ مع??ار?? سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اج??اس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان مع??ار?? سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.