اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ صوبن سان ??عليمي ادارن ۾ صحت جي رهنما اصولن تي عملدرآمد کي يقي??ي بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو ويجهڙائي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي اعلان کان پهرين صحت کاتي طرفان ??وڙيل صحت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقي??ي بڻائي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي حوالي سا?? منصوبابندي جي حوالي سان ??يارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.