اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آه?? ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آه??، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني ويندي آه?? ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آه??. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آه?? جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??.