اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد ??ي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو وو?? ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اس??يڪ?? اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اس??يڪ?? ايوان ۾ وو??ن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته وو??نگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. وو??نگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو وو?? رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اس??يڪ?? اعتماد جي وو?? جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اس??يڪ?? سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اس??يڪ?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اس??يڪ?? چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو وو?? ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو وو?? رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو وو?? رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو وو?? رجسٽرڊ ڪرايو. وو??نگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اس??يڪ?? قرارداد جي حق ۾ وڌل وو??ن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد ??ي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اس??يڪ?? چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 وو?? کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 وو?? حاصل ڪيا.