اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عورتون خاص طور تي خصوصي ماڻهن کي تعليم جي ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن م??اشري جو مرد عورتن سان تعاون ڪري ته معاشري جي عورت اڳتي وڌي سگهي ٿي، هر قسم جي صنفي فرق جي خاتمي سان ئي عورتن جو تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اس??يڪ?? اسد قيصر، ڊپٽي اس??يڪ?? قاسم خان سوري، قومي اسيمبلي ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ جسماجي طور تي معذور عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ??وق??ي تي عورت پارليامينٽ جي گروپ وومن ڪاڪس جي سربراهه منزه حسن چيو ته وومن ڪاڪس جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ۽ معاشري ۾ معذور عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. وومن ڪاڪس ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي تجويز ڪندي. هن چيو ته عورتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بينظير ڀٽو ۽ فاطمه جناح سميت پاڪستان جي قومي تاريخ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي واکاڻ جوڳو رهيو آهي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ عورتن پنهنجي خاندانن کي پنهنجي روين ۽ سپورٽ سان جيڪو سهارو ڏنو ان جو مثال نٿو ملي. اس??يڪ?? اسد قصر جي ڌيءَ ذاله قيصر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سمورين عورتن کي ڪنهن به قسم جي صنفي فرق کانسواءِ زندگي جا سمورا ??وق??ا ڏيڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي، عورت اڳواڻن کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اسان کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ جو آئين به خصوصي ماڻهن کي سمورن بنيادي حقن جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. هن م??البو ڪيو ته گونگن، ٻوڙن م??ڻهن جي لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ڏانهن ڌيان ڌنو وڃي ۽ اهڙن م??ڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو تاحيات هجڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ??وق??ن ۾ شرڪت ۽ تفريحي سرگرمين ۾ اضافو ڪيو وڃي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي ثناءُ خورشيد چيو ته موٽر وي حادثي جي نتيجي ۾ هو جسماني طور تي معذور ٿي وئي آهي پر هن تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ڇو ته مون کي اهو محسوس ٿيو ته عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غير سرڪاري تنظيم اسٽيپ جي ڊائريڪٽر عاطف شيخ چيو ته هتي اسان عورت اڳواڻن جي ڪردار تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي خصوصي ماڻهن جي مائرن کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن کي به تمام وڏن دردن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان کي معاشري کي اهڙو بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي معاشر??ي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. موجوده حڪومت جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيل چيئر جي انڊرسٽري جي سهولت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عائشه سليم چيو ته آئون پوري طرح نٿي ڏسي سگهان، رڳو انڌيري ۽ روشني ۾ تميز ڪرڻ جي حد تائين منهنجي نظر ڪم ڪندي آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم، والدين ۽ استادن جي رهنمائي سان مون پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي معاشري جي حيثيت سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن م??ڻهن جي تعليمي ضرورتن جي لاءِ حڪومتي سطح تي اوزارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معذور عورتن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن م??اشري جو مرد تعاون ڪري ٿو ته ان م??اشري جي عورت اڳتي وڌندي آهي. يو اين ايف پي اي جي نمائندي لينا موسيٰ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? جو خصوصي ماڻهن جي سپورٽ جي حوالي سان قدم واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان صنفي فرق جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. ڪوورنا جي صورتحال دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان به اسان کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي حقيقي معنيٰ ۾ اهڙي طرح سهارو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن اسان انهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين، هن قومي اسميبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر ۽ پاڪستان جي حڪومت پاران خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني طور تي معذور عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي.