اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته سچ ڳالهائڻ تاريخ جو سڀ کان مشڪل ڪم آهي، سڄي دنيا ۾ صحافين ج??ن تي کيڏي سچ ڳالهائڻ جو فرض ادا ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي انهن صحافين ??ي خراج عقيدت پيش ڪرڻ چ??هيان ٿو جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ ج??ن تائين ڏئي ڇڏي.