اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجو?? پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ??ا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ??ن بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ?? شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.