اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان ??ان ??ام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان ??نهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آه?? جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ ب??تر??، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان ??نصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي ص??احيت ۾ ب??تر?? لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.