ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پناهگاهه ڪورنگي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي ضرورتمند ماڻهن جي لاءِ فراهم ڪيل رهائش ۽ طعام ج?? سهولتن جو جائزو ورتو، اها پناهگاهه احساس پروگرام ۽ پاڪستان بيت المال جو گڏيل منصوبو آهي جتي 100 ماڻهن جي رهائش ??و انتظام ڪيو ويو آهي جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ضروتمندن کي بنا معاوضي جي ٻن ويلن جي کاڌي ج?? سهولت به دستياب آهي. صدر احساس پناهگاه ۾ رهائش لاءِ ايندڙن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار بابت معلومات حا??ل ڪئي رهائشي ڪمرن ۽ ٻين سهولتن جو معائنو ڪيو.