ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪراچي جي شهرين کي صاف ۽ وڌيڪ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن اها هدايت ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان جاري ??ختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي واري ??فاقي وزير اسد عمر، ريلوي واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي، سامونڊي معاملن واري ??فاقي وزير سيد علي زيدي، دفاعي پيداوار واري ??فاقي وزير زبيده جلال ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي ٽن وڏن نالن (محمود آباد، گجر ۽ اورنگي) ملير ۽ لياري جي دريائن ۽ نالن جي ڀرپاسي رستي جي تعمير، سيوريج سسٽم ۽ يوٽيلٽيز تي تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ٻڌايو ته نالن جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ قبضا هٽائڻ جو ڪم ڀرپور طريقي سان جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته محمود آباد ۽ اورنگي نالي تي اڳڀرائي ترتيبوار سئو سيڪڙو ۽ 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تان قبضا هٽائڻ ۾ 89 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي صفائي ۾ اڳڀرائي جو تناسب 97 سيڪڙو ۽ 90 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تي اڳڀرائي 79 سيڪڙو آهي، محمود آباد نالي تي آر سي سي ڀت جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ٻين نالن ۾ به اهو ڪم تيز ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته باقي سول ورڪس جون 2022ع تا??ين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر منصوبي جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏ??ي وئي. گرين لائن هن سال آڪٽوبر کان فعال ٿي ويندي، وچ سيپٽمبر 2021ع تا??ين چين مان 80 بسون په??ي وينديون. اهڙي طرح سنڌ حڪومت جي درخواست تي ايس آئ?? ڊي سي ايل اورنج لائن جي لاءِ 20 بسون گهرائي رهي آهي جيڪي هن سال ڊسمبر تا??ين په??ي وينديون. ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور تي واپڊا چيئرمين پاران بريفنگ ڏ??ي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي 1200 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جنهن ۾ حب ڊيم مان 100 ايم جي ڊي (ملين گيلن ڏهاڙي) شامل آهي. ڪراچي جي عوام کي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان سخت مشڪلاتون درپيش آهن، پاڻي جي ان سخت کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪي فور جو منصوبو جوڙيو ويو، ان تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ته ان منصوبي جي لاءِ مالي وسيلا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيا پئي ويا پر اهو منصوبو هڪ ڏهاڪي کان تعطل جو شڪار رهيو، هاڻي وفاقي حڪومت ان منصوب?? کي مڪمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 85 ڪلوميٽر جي سروي آئ?? ايل ايف جي اسٽاف ۽ ڪنسلٽنٽس پاران مڪمل ڪئي وئي، منصوبي جي حتمي ڊيزائن آڪٽوبر 2021ع تا??ين مڪمل ڪئي ويندي، منصوبو آڪٽوبر 2023ع تا??ين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي فريٽ ڪاريڊور ڪيماڙي کان پپري ??ارشلنگ يارڊ ۽ ماڊرن ڪراچي سرڪولر ريلوي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏ??ي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 50 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراچي پورٽ کان پپري ??ريٽ ڪاريڊور ۾ ڪوريڊور جي تعمير، رست?? کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويندڙ 40 سيڪڙو ڪارگو ٽرانسپورٽ ان ڪوريڊور جي ذريعي ٿيندي، ان منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان منصوب?? کي آڪٽوبر 2021ع ۾ مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪي سي آر منصوبي ۾ 43 ڪلوميٽر ورلڊ ڪلاس ماس ٽرانزٽ سسٽم ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽرين شامل آهي، منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي، جيئن ئي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران ٽرانزيڪشن جو خاڪو ۽ بڊنگ جا دستاويز منظور ڪيا ويندا ان منصوب?? کي نومبر 2021ع تا??ين مارڪيٽ ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي شهرين کي صاف ۽ وڌيڪ پاڻي جي فراهم?? کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ فني ۽ مالي طور تي ممڪن طريقا استعمال ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن لاڳاپيلن کي جاري ??نصوبن کي ٽائيم لائينز تحت مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سمورن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي جي عوام کي انهن جا ثمر ميسر اچي سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري ??نصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ اعلان ٿيل منصوبن کي جاري ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. منصوبابندي ۽ ترقي واري ??فاقي وزير اسد عمر چيو ته هن وقت وزيراعظم جو سمورو ڌيان ڪراچي شهر تي آهي ڇو ته ملڪ جو معاشي حب هجڻ جي لحاظ کان هن شهر جي خاص اهميت آهي.