اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڪيلي اف??انستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته اف??انستان ڪهڙي طرف ويندو، ??نگهائي تعاون تنظيم ۾ اف??انستان جي پاڙي??ري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ اف??انستان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو، اف??ان حڪومت کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اف??ان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان اف??انستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو، اف??انستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان نه ڳنڍڻ گهرجي، اف??انستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي، اميد آهي ته اف??انستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، هن وقت ڪير ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته اف??انستان ڪهڙي طرف ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته اف??انستان ۾ اڃا تائين ٺوس حڪومت ناهي ٺهي سگهي جڏهن ته اڳڀرائي جي اميد آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان اف??انستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو. هن چيو ته اميد آهي ته اف??انستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، طالبان جو چوڻ آهي ته اهي عورتن کي مرحليوار قومي ڌارا ۾ شامل ڪندا، اسلام ۾ عورتن جي حقن تي خاص زور ڏنو ويو آهي، اف??ان عورتون بهادر آهن، انهن کي وقت ڏنو وڃي اهي پنهنجا حق پاڻ حاصل ڪنديون. هن چيو ته اف??انستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان ڳنڍڻ نه گهرجي، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته اف??انستان ڪهڙي طرف ويندو. هن چيو ته اف??انستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اف??انستان جي پاڙي??ري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورن اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ اف??انستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان اڪيلي اف??انستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، اف??ان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان اڳ طالبان کي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو، اف??ان حڪومت کي اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته اف??ان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي.