اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جار?? ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ??ر انسان جي خواهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ??زيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ??يڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان ح??ال?? سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته ??اڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاندان جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ?? احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ??اڪ??ر فيصل سلطان چيو ته ??عاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ??اڪ??ر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??نهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.