اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪ??ي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم ??ڻڻ جي هدايت ڪ??ي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن ما?? ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. وزيراعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاران وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم ??ڻڻ جي هدايت ڪ??ي.