اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي عوام کي نقصان ٿي رهيو آهي، اٽو ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام سان سنڌ جي عوام محروم آهي، سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کا?? سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهيو آهي، پاڪستان جي عوام کي ڊگهي عرصي کا??پوءِ اهڙي حڪومت ملي آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي مخالفين به اعتماد ڪندا آهن، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصبوبا لڳائي معيشت جو ٻيڙو غرق ناهي ڪيو، اڄ پاڪستان جي سياسي قيادت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، مخالف ڌر واريءِ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري ويندي آهي، 23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهندي ته مارچ ڪري وٺندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪووڊ کا??پوءِ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپشن جو ڪو شڪ ناهي ڪيو ويو جيڪا حوصلا واري ڳالهه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي. وزيراعظم عمران خان تي سندس مخالف به يقين رکندا آهن، اڄ سياسي حڪومت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، 89 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته دنيا ۾ تمام گهٽ مثال موجود آهن ته ڪورونا وبا کا??پوءِ ڪو ملڪ 5 سيڪڙو شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ 5 سيڪڙو گروٿ ريٽ کي آءِ ا??م ايف به تسليم ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته اسان 5 سيڪڙو جي شرح کا?? وڌيڪ ترقي حاصل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته گذريل سال زرعي شعبي ۾ تقريبن 400 ارب روپين جي آمدني ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي فصل ۾ 118 ارب روپيا، ڪپهه جي فصل ۾ 138 ارب روپيا، چانورن ۾ 46 ارب روپيا، مڪئي ۾ 3 ارب روپيا ۽ ڪمند ۾ 96 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، ان اضافي آمدني جي ڪري ٽريڪٽر، گاڏين، زرعي اوزارن ۽ يوريا ڀاڻ جي کپت ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته يوريا ڀاڻ جي پاڪستان ۾ قيمت 1700 روپيا آهي جڏهن ته عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت 10 هزار روپيا آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ ڀاڻ ٻاهرين ملڪ هليو وڃي ته 70 کا?? 80 لک روپين جو فائدو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي ڪري وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کا?? وڏي سوشل پروٽيڪشن پروگرام جو اعلان ڪيو، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي هر شهري کي 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر هوندي، اها سهولت بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين کي به فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي پروگرام جا دنيا ۾ مثال نٿا ملن، برطانيه ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ماڻهن کي علاج جي سهولت لاءِ پريم??م ادا ڪرڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان جو شناختي ڪارڊ ئي هيلٿ ڪارڊ هوندو، ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو، 50 هزار روپين کا?? گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال، گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي. کين اٽو 2018ع جي قيمت جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت تي دستياب هندو،
وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي عوام ان سهولت کا?? محروم آهي، سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، هن چيو ته سنڌ کا??سواءِ پوري پاڪستان جي شهرين کي صحت جي مفت سهولت ميسر هوندي. پوري ملڪ ۾ اٽو 1100 روپيا في ٿيلهو ملي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي 1446 روپين ۾ ملي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 90 روپيا آهي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 97 کا?? 100 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کا?? سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جو نقصان سنڌ جي ماڻهن کي ٿي رهيو آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، وفاقي وزير چيو ته غريب ماڻهن کي سڌو سنئون امداد جي فراهمي عمران خان جو ويزن آهي، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصوبا لڳائي معيشت کي ٻيڙو غرق نه ڪري رهيا آهيون، اڄ پاڪستان جي سياسي قيادت جي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي، مخالف ڌر واريءَ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري پوندي آهي، هن چيو ته نفرت تي ٻڌل پاليسيون نه هلنديون، پنهنجي ايجنڊا ماڻهن جي سامهون رکڻي پوندي آهي، هن چيو ته23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهجي وئي ته لانگ مارچ ڪري وٺندي.