اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پاڪستان ک?? مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، ٻار اسان جي مستقبل جي قيادت آه??، انهن ک?? سدائين سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، والدين ۽ استادن جي عزت ڪرڻ، ٻين مذهبن جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ خصوصي ٻارن سان محبت جي نصيحت ڪريون ٿا، پاڪستان جي خانداني نظام جي مضبوطي اسان جي ملڪ جو خوبصورت ٿنڀ آه??، اسان ک?? ان ک?? وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آه??. قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان ايوان صدر ۾ قائد ۽ ٻار جي عنوان سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارن خوبصورت ملي نغما پيش ڪيا جن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هونهار ٻارن قائد جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ان جي تاريخي ڪارنامن ک?? اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي جڏهن ته صدر ۽ خاتون اول ٻارن سان گڏجي قائداعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڊاڪٽر عارف علوي قائد جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هر سال 25 ڊسمبر تي ايوان صدر ۾ اها تقريب منعقد ڪئي وڃي ٿي، اڄ ٻارن سان هتي هو هن تقريب ۾ ڀرپور لطف اندوز ٿيو، ٻارن پنهنجي تقريرن ۾ ڀرپور انداز ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ قائد جي جدوجهد کي اجاگر ڪيو جڏهن ته انهن جي معصوماڻي ڳالهه ٻولهه سان اسان ک?? اهو تصور مليو ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آه??، ماڻهو ان جي لاءِ سوين سال ??دوجهد ۽ مصيبتون برداشت ڪن ٿا. صدر چيو ته آزادي سڀ کان قيمتي شيءَ آه??، هي ٻار اسان جي مستقبل جي قيادت آه??، انهن جي عمر کيڏڻ جي آه??، قائداعظم هڪ سٺو رانديگر هو پر سندس والده کيس اها نصيحت ڪندي هئي ته جيڪڏهن پڙهندي لکندي ته وڏو ماڻهو ٿيندين، قائداعظم کي ٻارن سان تمام گهڻي محبت هئي، ٻار کيس خط لکندا هئا جن جو جواب هو پنهنجي صحيحن سان ڏيندو هو جڏهن ته آزادي جي تحريڪ ۾ ٻار کيس چندو به ڏيندا هئا. صدر چيو ته قائداعظم سدائين پنهنجي ڀيڻ کي هر محفل ۾ گڏ رکندو هو، سندس اهو قدم هڪ مڪمل خاندان جي عڪاسي هئي. هن چيو ته محنت سان منزل نظم ۽ ضبط حاصل ٿئي ٿو، اتحاد سان اسان وڏي طاقت بڻجي سگهون ٿا، سدائين سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آه??، هڪ ٻئي سان سچ ڳالهائڻو آه?? اها ئي نصيحت اسان جي پيغمبر ﷺ جي هئي جڏهن ته قائداعظم به سچ ڳالهائڻ ۽ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اهي هڪ ٻه شيون اچي وڃن ته پاڪستان مضبوط تر ملڪ بڻجندو. هن ٻارن ک?? نصيحت ڪئي ته امانت ۾ خيانت نه ڪريو، ماءُ پيءُ ۽ استادن جي سدائين عزت ڪريو، راند سان جسماني طاقت نظم ۽ ضبط ۽ صلاحيتن ک?? اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو اها به ضروري آه??، وڏن جي عزت ڪريو جيڪا پاڪستان جي خوبصورتي آه?? ٻين مذهبن جي ماڻهن سان به سٺو سلوڪ ڪريو، خصوصي ٻارن سان محبت ڪريو. هن چيو ته اسان جو خانداني نظام اسان جي معاشري جو خوبصورت ٿنڀ آه??، ان ک?? مضبوطي سان پڪڙڻو آه??، ننڍن وڏن جو خيال ??کڻو آه??، اهو ئي پاڪستان جي ثقافت جو به حصو آه??. هن چيو ته پاڪستان جي مضبوطي ۽ ترقي اسان جو خواب آه??، قائداعظم هڪ ڀيرو هڪ ٻار کان پڇيو ته توهان ک?? وڏو ٿي ڇا بڻجڻو آه?? ته هن چيو ته آئون قائداعظم بڻجندس جنهن تي باباءِ قوم چيو هو ته پاڪستان ک?? هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آه??. هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ان دعا سان ڪئي ته جيستائين آه?? هي دنيا ب??قي اسان ڏسون آباد توکي، سوهڻي ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد توکي.