اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي ??هرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي ??نظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??وري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت ??ملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي ??فاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن ص??اح??ارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي ??هرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي ??نظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??وري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي ??هرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ ت??ريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پاليسي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت ??ملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي ص??اح??ار کي پاليسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي ??قصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ ت??ت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.