اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي ص??ر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ??ال??ي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي، وزيراعظم عمران خان روس جي ص??ر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آز??دي جي راءِ نه پر مذهبي آز??دي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتص??دي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغانستان کي انساني ۽ اقتص??دي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي ??ال??ي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.