اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخ??اقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل ??وش?? آهي، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سنهري موقعو آهي، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آهيون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ڪري رهي آهي جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي ??خت??ار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رستو آهي. هن چيو ته جنگ ۽ قتل عا?? جي تاريخ تمام پراڻي آهي، سڀني مذهبن امن جي تعليم ڏني آهي، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ڪري جنگيون ٿينديون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا و??يون جنگيون ڏسڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخ??اقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري جو سبق ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائدو کڻڻ جو سنهري موقعو آهي. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي اها و??ي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته فيڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا منفي اثر پوڻ نه ڏين.