اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ راولپنڊي رنگ روڊ ????صو??ي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پريس ريليز موجب راولپنڊي رنگ روڊ 38.3 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 ڦاڪن تي ٻڌل هوندو. رنگ روڊ تي انٽرچينج به تعمير ٿيندا. راولپنڊي رنگ ر??ڊ جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. متبادل رستي جي طور تي رنگ ر??ڊ جي ڪري مسافرن جي وقت ۽ خرچ جي بچت ٿيندي. م??صو??ي جي ڪري روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.