اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جون اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهرئين ملڪ هليا ويندا آهن ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو ??له ڪار بڻجي ويندا آهن، انهي لاءِ نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، عمران خان دلير ماڻهو آهي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي ??لندو آهي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو ??طهار هن وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم چيف جسٽس کي پاڪستان جي وڏي هجڻ جي حيثيت سان خط ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ڏيکارڻ جو مقصد اهو آهي ته چيف جسٽس صاحب کي خط سان جڙيل معاملن جو پتو پئجي سگهي. هن چيو ??ه پاڪستان جي تاريخ اسان جي سامهون آهي، لياقت علي خان شهيد ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، جنرل ضياءُ الحق جو ??هاز تباهه ٿيو، هن خط جي ذريعي انهن نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو ته سياست عمران خان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دلير ماڻهو آهي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي ??لندو آهي، هن چيو ??ه پاڪستان ۾ اهڙو اڳواڻ موجود آهي جيڪو ٻاهر وارن جون ڪالون ناهي کڻندو، هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو عوام سان جڙيل آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر خوفزده آهن، اهو خط بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ جو ??هي، هن خط ۾ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون به شامل آهن، مخالف ڌر جا ماڻهو اڻڄاڻائي جي ڪري ان سازش جو ??صو آهن. هن چيو ته مون انهي لاءِ چيو هو ته نواز شريف کي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو وڃي، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهر هليا وڃن ٿا ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو ??له ڪار بڻجي ويندا آهن، نواز شريف جون اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، هن چيو ته ميڊيا جي ٻن ٽن نام نهاد وي لاگرز خط لهرايو، انهن نام نهاد سينئر وي لاگرز جي ٽي وي تي به ريٽنگ نه آهي، اهي پنهنجي وي لاگ تي ئي لڳل هوندا آهن، کين ڪالهه به چيو هو ته اهي نوجوان رپورٽرز کان تربيت وٺن ته خبر جي تصديق ڪهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، هڪ خط يورپي يونين جو لهرايو پيو وڃي جيڪو اڳ ۾ ئي پبلڪ آهي، هڪ صحافي جعلي خط به شيئر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جنهن خط جو ??ڪر ڪيو پيو وڃي اهو ميڊيا وٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو ٻين خطن کي ان خط جو چئي پيش ڪري رهيا آهن اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.