ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي فراهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو ??ئل??نج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ ل??ءِ چين جي ??ڪو??ت سان ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن ل??ءِ صوبائي ??ڪو??ت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪراچي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هن باب??ءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ اتي ان پختي عزم جو اظهار ڪيو ته اسان باب??ءِ قوم جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪس??ان کي سندس خواب جي حقيقي تعبير بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم سان مفيد ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني، مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن ل??ءِ سنڌ جي وڏي وزير جي ٽيم محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ته وفاقي ??ڪو??ت صوبائي ??ڪو??ت سان مڪمل تعاون ڪندي ۽ وفاق ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻايون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائن ل??ءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون، هاڻي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ ل??ءِ چيني ??ڪو??ت سان ڳالهه ڪريون. هن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو تمام وڏو ??ئل??نج آهي، ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي اڌ گنجائش 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هو پر مون هدايت ڪئي آهي ته 2024ع تائين ڪوشش ڪنداسين ته پورو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ڇو ته پاڻي بنيادي ضرورت آهي، ڪراچي جو اهو مسئلو حل ٿي وڃي ته اها عوام جي تمام وڏي خدمت هوندي، وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ گرين لائين منصوبا تقريبن مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شفاف طريقي سان ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ان مان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سان گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي ??ڪو??ت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته اها ٽرانسپورٽرز ل??ءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ والهاڻي استقبال تي پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان.