اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي ??فير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي ??فير وزيراعظم شهباز شريف کي بحرين جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي ??فير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شر??ف بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي ??فير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، ا??فارميشن ٽيڪانلاجي، ا??رادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??مڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحرين جي ??ڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي ??ارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي ??نياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي ??فارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.