اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ آئنده عام چونڊون 15 مهينن ۾ ٿينديون، عام چونڊن کان اڳ مهانگائي ۽ غربت ۾ گهٽتائي لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ ۽ ان دوران مهانگائي ۽ غربت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ سندس هدف آهي، حڪومت کي عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتن تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. انقره جي پنهنجي ٽن ڏينه?? جي سرڪاري دوري دوران ترڪي جي سرڪاري ٽيلي ويزن ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجو ويزن پاڪستا?? جي نئين سر تعمير، غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڪفايت شعاري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪرڻ آهي، وزيراعظم شهباز شريف اها ڳالهه زور ڏئي چئي آهي ته سندس حڪومت چونڊن کان اڳ عوام کي درپيش مسئل?? جي حل لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کڻندي. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽي عوام جي مرضي موجب اقتدار ۾ اچي ٿي ته بيروزگاري ۽ غربت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مڪمل ترقياتي ايجنڊا شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تيل جون آسمان کي ڇهندڙ قيمتن حڪومت کي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستا?? جي سياسي صورتحال جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيو آهي، اه?? اقتدار جي هڪ آئيني ۽ قانوني منتقلي آهي جيڪا آئين ۾ فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ??ه اهو هڪ ”ڪوانٽم جمپ“ بدران هڪ وڏو قدم آهي، وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پاڪستان ۾ هي هڪ قابل قبول معمول هوندو ته جيڪڏهن پارليامينٽري?? جي اڪثريت محسوس ڪري ٿي ته هڪ خاص حڪومت هجي، ته کيس ملڪ جي قانون تحت آزاداڻي طور تي ووٽ ڏيڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. هن چيو ??ه ان کان اڳ ماضي ۾ اهڙي طرح جي حالتن ۾ مارشل لا ۽ فوجي مداخلت جو مشاهدو ٿيو آهي پر هاڻي ان پوري صورتحال کي تبديل ڪيو آهي ۽ ا?? جي حمايت ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي بي پناهه افهام و تفهيم سان علائقائي تعاو?? جي روڊ ميپ تي گامزن آهن ۽ ٻنهي ملڪ?? جي قيادت جي وچ ۾ يڪجهتي ڏٺي ويندي آهي، وزيراعظم ترڪي جي دوري کي غير معمولي قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي عوام تاريخي رشتي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي، ان حوالي سان هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ جي زماني جو ذڪر ڪيو جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن ترڪ تحريڪ جي حمايت ڪئي هئي، هن چيو ??ه اسا?? جي ابن ڏاڏن جو رشتو ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مستقل ڀائيچارو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪ ترڪ دفاعي لاڳاپ?? جي باري ۾ چيو ته پاڪستان ترڪي سان فوجي منصوبن ۾ گڏيل تعاون جو خواهشمند آهي ۽ اه?? ملجم جنگي بحري جهاز جي تازي لانچنگ انهي ويزن موجب آهي. ترڪي سان 5 ارب ڊالر جي واپار جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي باري ۾ هن چيو ??ه ان جو مقصد ٻنهي ملڪ?? جي فائدي لاءِ مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي دائري ڪار کي وڌائڻ آهي، وزيراعظم شام ۾ ”پي ڪي ڪي ۽ وائي پي جي“ جي ??هش??گرد?? جي خلاف ترڪي جي ??هش??گردي جي روڪٿام جي قدمن تي چيو ته جيئن ته پاڪستان ??هش??گردي جو وڏو شڪار رهيو آهي، ان لاءِ ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن تي ترڪ قيادت جي حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ۾ شموليت لاءِ چين، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه ڌرئي انتظامن تي زور ڏنو. هن چيو ته سي پيڪ ۾ ترڪي جي شرڪت خطي جي اقتصادي خوشحالي ۾ اضافو ڪندي، وزيراعظم چيو ته هن ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي به اها تجويز پيش ڪئي هئي، هن چيو ته ترڪي جي رست?? جي بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي منصوب?? جي تعمير ۾ وسيع مهارت ڪيترن ئي ارب جي علائقائي منصوبن کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿي، وزيراعظم پاڪستان پاران ترڪي ۽ خليجي ملڪ?? جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي حوالي سان هڪ سوال تي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ترڪي جي سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سان لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، هن چيو ??ه اهو عالمي امن لاءِ اه?? ۽ پوري خطي لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين ۽ فلسطينن سميت محڪوم قوم?? جي حمايت جاري رکندو جيڪي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن، اه?? اسرائيل يا ڀارت جو سوال نه آهي پر اهڙن ماڻه?? جي اخلاقي حمايت جو سوال آهي، جيستائين انه?? جي مطالبن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي ان وقت تائين خطي ۾ امن واپس نٿو اچي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت گذريل ٽن سالن ۾ تمام گهڻو نقصان کنيو ۽ پاڪستان معيشت کي درست ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم يوڪرين ۾ روسي حملي تي پاڪستا?? جي موقف جو ذڪر ڪندي چيو ??ه اسان جو اڻٽر موقف اه?? آهي ??ه اسان معاشر?? جي آزاد حقن لاءِ بيٺل آهيون، هن ڌرين تي زور ڏنو ته ڳالهي?? جي ميز تي اچن.