اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ش??باز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??باز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊ??ئر??ڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏ??ا ويا.