اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته گذريل چار سال ملڪ ??ي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو، وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن کي ڏسندي انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ۽ ايڊهاڪ رليف ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??، اڄ بجيٽ ۾ پينشنرز لاءِ به وڏو اعلان ٻڌڻ لاءِ ملندو، مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آه??ُون جنهن ۾ ملڪ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار احتجاج ڪندڙ سيڪريٽريٽ ملازمن سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آه?? جنهن ۾ سموريون پارٽيون غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي ڀلائي جو سوچ رهي آه??، ه?? چيو ته مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آه??ون جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ رليف جو باعث بڻجندو، بجيٽ سان ملڪ جي اندر صنعت، ڪاروبار، واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو، ه?? چيو ته ناڻي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز پيش ڪئي هي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا جي منظوري سان سرڪاري ملازمن کي رليف فراهم ڪندا رهنداسين، ه?? چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شر??ن جي باوجود اڄ حڪومت ۽ وزيراعظم غريب عوام جو سوچي رهيا آه??، اڄ پارليامينٽ ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي ۽ اها غريب دوست بجيٽ آه??، ملڪ ۾ نظر ايندو ته معاشي استحڪام ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ويندو آه??، ه?? چيو ته 2018ع ۾ جيڪا معيشت عمران خان کي ملي هئي، ه?? ان معاشي بدحالي ۾ بدلايو، حڪومت مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عمران خ??ن جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري کان عريب عوام کي بچايو آه??، اها بجيٽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي ويندي، غريب ماڻهو کي رليف ملندو، صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو، ه?? چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ نوجوانن لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويندا، ه?? چيو ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آه?? جڏهن سرڪاري ملازم رستن تي هجن ۽ وزيراعظم سڪون جي ننڍ سمهي رهيو هجي، ه?? چيوت ه عمران خ??ن جي نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آه??، ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ عوام ۽ڪاروباري طبقن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ثابت قدم رهن، حڪومت صرف ۽ صرف انهن جي ڀلائي جو سوچي رهي آه??، ه?? چيو ته اڄ وزيراعظم سرڪاري ملازمن سان انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ بيٺل آه??، ه?? چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آه??.