اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفار??خا??و زائرين سان مڪمل رابطي ۾ آهي، اٽڪل 300 ??ائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا و??ا آهن، پاڪستاني سفار??خا??و ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفار??خا??ي دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.