اسڪردو – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي ??ائيدار ترقي لاءِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي، پيشيوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ اهم آهي، شاگرد ??جي??ل مهارت ۽ فري لانسنگ جي تربيت سان مالي خودمختياري جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽيي آف بلتستان جي ??نجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ڪامياب ٿيندڙ شاگردن، والدين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گلگت بلتستان جي ??درتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ باصلاحيت ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورت آهي، صرف هنرمند افرادي قوت جي ذريعي ئي معاشي انقلاب آڻي سگهجي ??و. هن چي?? ته مارڪيٽ کي تربيت يافته پروفيشنل خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن جي ضرروت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سابئر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت هوندي، هن چي?? ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي ??ونيورسٽين کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري نوجوانن خاص طور تي عورتن لاءِ عالمي مارڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن، نوجوانن سميت عورتون گهر ويٺي آن لائين روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، صدر چيو ت?? اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ان لاءِ عورتن شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ??جي??ل اسڪلز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان هو پنهنجي گهر ۾ رهي آساني سان باعزت روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، هن شاگردن تي زور ڏن?? ته هو پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهتر ڪن ته جئين هو ??جي??ل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي موثر مارڪيٽنگ ڪري سگهن، هن چي?? ته موسمياتي تبديلي خطي جي ??ستقبل لاءِ وڏو خطرو آهي ان لاءِ يونيورسٽين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماحول جي تحفظ ۽ ماحول دوست طريقن تي عملل ڪري موسيماتي تبديلي جي بحران ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته گلگت بلتستان ۾ اچي سدائين خوشي ٿيندي آهي،هن علائقي وانگر هتي جا ماڻهو به خوبصورت آهن جيڪي ملڪي ترقي، استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هن چي?? ته شاگردن کي سخت محنت ڪري تعليم حاصلڪ ئي آهي جيڪا انهن لاءِ الله جي رحمت آهي، هن شآگردن تي زور ڏن?? ته هو پنهنجا دماغ کليا رکن ۽ سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ جاري رکن. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز به ورهايا.