اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتست??ن جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اقتصادي معاملن و??رو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتست??ن جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معاملن کي جلد ک??ن جلد اڪلائي. هن ان سلس??ي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ج?? مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.