اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو م??ه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻ??ن شهرن تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو م??ه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد ايس الطائيبي به موجود هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل د??چس??ي جي سمورن معاملن تي ٻ??هي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو م??ه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو م??ه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻ??ن شهرن تائين وڌايو ويندو، سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو. ”روڊ ٽو م??ه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.