اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻ تي دارومدار ڪرڻ ئي قوم جي سياسي ۽ معاشي آزادي جي ضمانت آهي، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پيداوار جي منصوبن ۾ دير ۽ گئس جي سستي ۽ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين، ريئل اسٽيٽ ملڪ جو حصو آهي پر سٽيبازي نه هجڻ گهرجي، زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وينديون، ڳاڙهي ڦيٿي، پرمٽ، اين او سي، آفيسن ۽ سفارش جا چڪر هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن، افغانستان ما?? ڪوئلي جي درآمد ??ان ساليانو 2 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالر ملي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”ٽرن ارائونڊ پاڪستان“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، معاشي ما??رن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڻ تي دارومدار ڪرڻ اصل منزل آهي، مخلوط حڪومت ۾ چئني صوبن جي نمائندگي آهي ۽ مشاورت ??ان فيصلا ڪيا وڃن ته ان کي سگهه ملي ٿي، ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو چئلينج سڀني گڏجي قبول ڪيو آهي، ان ??مي??اري کي ا??ان نڀائينداسين، آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالر ملي ويندا، پاڻ تي دارومدار ڪرڻ ئي ڪنهن جي قوم جي معاشي ۽ سياسي آزادي جي ضمانت آهي، ان کانسواءِ ڪا به قوم آزاداڻا فيصلا نه ٿي ڪري سگهي، بنگلاديش آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ڪنهن ٻئي ما??ياتي اداري جي مدد کانسواءِ 6 ارب ڊالر جي بنيادي ڍانچي جو هڪ وڏو منصوبو ٺاهيو آهي، 75 سالن ۾ پاڪستان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو، پاڪستان ۾ وسيلن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، واپار، ??عي??ت، سياست، سفارتڪاري ۽ صحافت سڀني شعبن ۾ قابل ماڻهو موجود آهن، الله تعاليٰ ا??ان کي تمام گهڻين نعمتن ??ان نوازيو آهي، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر جو خزانو دفن آهي پر اڃا تائين ا??ان ان ما?? هڪ پئسو ناهي ڪمايو الٽو ڪيسن تي اربين رپيا ضايع ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ نيوڪليئر طاقت آهي ۽ اها ائٽمي صلاحيت ا??ان جو دفاع آهي، ڪنهن جي خلاف جارحيت جي لاءِ نه آهي ۽ ان صلاحيت ا??ان جي دفاع کي مضبوط بڻايو آهي، ملڪ اڄ قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو مقام حاصل نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ماضي ۾ صحيح فيصلا نه ڪيا ويا، جنهن جو ملڪ کي نقصان ٿيو، حويلي بهادر شاهه ٽو 1250 ميگاواٽ جو بجلي جي پيداوار جو منصوبو آهي، اهو ٻه اڍائي سال اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها پر بدقسمتي ??ان جديد ٽيڪنالاجي جو اهو منصوبو اڄ تائين پيداوار نه ڏئي سگهيو، ان جي دير جي ڪري نه رڳو ان جا خرچ وڌي ويا پر بجلي جي پيداوار شروع نه ٿيڻ ??ان ملڪ کي وڏو نقصان کڻڻو پيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ آمريڪا جي ڪمپني جي اي 3 ٻيا منصوبا هنيا ۽ ان ما?? پيداوار شروع ٿي وئي پر اڄ گئس نه هجڻ سبب سڄي گنجائش موجب بجلي پيدا نه ٿا ڪري سگهون، دنيا ۾ جيڪو بحران آيو ان جي ڪري توانائي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اڳوڻي حڪومت گئس جا سستا ۽ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، نواز شريف جي دور ۾ گئس جي درآمد جو 13 ڊالر تي معاهدو ٿيو هو، ان تي تنقيد ڪئي وئي، ميڊيا ۾ به ان کي اڇاليو ويو پر جڏهن اسپاٽ مارڪيٽ 3 ڊالر تي آئي ته نه ته اسپاٽ تي ايل اين جي گهرائي وئي ۽ نه ئي ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪيا ويا، هاڻي گئس دستياب ئي نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪوئلي جي قيمت وڌڻ سبب جينڪوز ??ان بجلي جي پيداوار شروع ڪرڻي پئي جيڪا 60 رپيا في يونٽ تي بجلي ٺاهين ٿا، جيڪڏهن 1250 ميگاواٽ بجلي جو ا??ان جو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ها ته پوءِ مهانگي بجلي نه ٺاهڻي پوي ها، هاڻي جولاءِ کان افغانستان ما?? ڪوئلي جي درآمد شروع ٿي ويندي، جنهن ??ان هڪ سال ۾ 2 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي ۽ ڪوئلي جي درآمد رپين ۾ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته گوادر جو هن ٻيو دورو ڪيو آهي، اتي امدادي رقم ??ان هڪ اسپتال تعمير هيٺ آهي، ان جو هيستائين رڳو 38 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، اهڙي طرح گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ به دير جو شڪار آهي، گوادر کي پولان ايران کان بجلي جي فراهمي لاءِ ايراني حڪومت سرحد تائين ٽرانسميشن لائين ۽ گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي. 5 سال گذري ويا، پاڪستان ۾ 26 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽرانسميشن لائين نه وڇائي وئي، ان دير جي ڪري بلوچستان جي عوام جو احتجاج حق تي آهي، گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به فراهم نه ڪئي وئي پر موجوده حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ سيپٽمبر تائين پائيپ لائين تبديل ڪري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه هفتا اڳ کاڄرو تيل جي کوٽ درپيش هئي، انڊونيشيا جي صدر ??ان کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، دوست ملڪن کان به ان ??ان رابطا ڪرايا ويا جڏهن ته صنعت واري وفاقي وزير پنهنجي ذاتي خرچ تي انڊونيشيا ويو ۽ کاڄرو تيل جي پاڪستان کي درآمد شروع ٿيڻ تائين اتي موجود رهيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ا??ان مشڪلاتن ۾ گهيريل آهيون، سڀني جي ??مي??اري آهي ته ??عي??ت کي ٺيڪ ڪريون، هڪ قوم جي حيثيت ??ان ذاتي پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا ته ڪو انهن کي بعد ۾ اچي تبديل نه ڪري سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وينديون، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي، زراعت ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جي ترقي ۽ پاڻ تي دارومدار کي حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. 14 مهينن ۾ ا??ان ملڪ جي ??عي??ت کي بهتر بڻائڻ جا ڀرپور قدم کڻنداسين، چين پاڪستان کي ما??ي معاونت فراهم ڪئي آهي ۽ ان سخت شرطون به ناهن لڳايون. هن چيو ته موجوده حڪومت ??عي??ت جي بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي لاءِ سپر ٽيڪس جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان کي اڪثريت قبول ڪيو آهي، ان ??ان 230 ارب رپيا جمع ٿيندا پر اهو پئسو دفتري ۽ سرڪاري خرچن تي نه پر ??عي??ت جي ترقي، خوشحالي، برآمدات ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي خرچ ڪيو ويندو. ان حوالي ??ان جلد منصوبن جو اعلان ڪنداسين. سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيندو. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ملڪ جو حصو آهي پر سٽيبازي نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن تعميري ڪم ٿيندو ته حڪومت تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ ا??ان کي ٻڌائين ته ڳاڙهي ڦيٿي جي رڪاوٽن کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. ا??ان ان کي هڪ مهيني ۾ ختم ڪنداسين، ان کانسواءِ پرمٽ، اين او سي، سفارش ۽ آفيسن جا چڪر ختم ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪانفرنس ا??ان جي رهنمائي ڪندي ته اها هڪ وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته چئلينج تمام وڏا آهن پر ا??ان سڀني کي گڏجي ملڪ کي بحران ما?? ڪڍنداسين، سبز باغ ڏيکارڻ جا قائل نه آهيون، 14 مهينن ۾ اقتصادي خوشحالي آڻينداسين پر اها اقتصادي خوشحالي سياسي استحڪام ??ان ڳنڍيل آهي ۽ سياسي استحڪام آڻڻ جي لاءِ سڀني کي تعاون ڪرڻ گهرجي، ان ??ان قوم کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ڪم ڪرڻ جي نيت هجي ته رستا پاڻ ئي ٺهي ويندا آهن، ايندڙ نسلن جي لاءِ ا??ان کي بهتر پاڪستان ڏيڻو پوندو. ڪانفرنس ۾ ڏيندڙ تجويزن تي عمل ڪنداسين.